بالي ووڊ جي پهرئين سپر اسٽار راجيش کنا جو 70 هون جنم ڏهاڙو

rajish khanna

بالي ووڊ جو پهريون سپر اسٽار راجيش کنا 29 ڊسمبر 1942ع ۾ جنم ورتو، سندس اصل نالو جــَتــِن کنا  هو، راجيش کنا شوبز ڪيريئر جي شروعات 1966ع ۾ فلم آخري خط سان ڪئي ۽ ڪيريئر دوران 160 فلمن ۾ ڪم ڪيو، انکانسواءِ سندس ڪيريئر تي 17 شارٽ فلمون به آهن. راجيش کنا 1969 کان 1971ع دوران لڳاتار 15 سپر هٽ فلمون ڏنيون. راجيش کنا بهترين اداڪار جا 3 فلم فيئر ايوارڊ ماڻيا، بي ايف جـــَي اي ايوارڊ 4 ڀيرا ماڻيو. 1991 ۾ کيس فلم فيئر اسپيشل ۽ 2005ع ۾ لائيف ٽائيم فلم فيئر اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو. راجيش کنيا 1970 کان 1987ع تائين بالي ووڊ جو سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪار رهيو. فلمن کانسواءِ راجيش کنا سياست ۾ به پاڻ مڃايو ۽ 1992 کان 1994 تائين ڪانگريس پارٽي پاران لوڪ سڀا جو ميمبر به رهيو ويو. 1973ع ۾ راجيش کنا بالي ووڊ اسٽار ڊِمپل ڪپاڊيا سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻه ڌيئرون ٽوئنڪل ۽ رنڪي کنا آهن. راجيش کنا الگ الگ ۽ ٻيون ڪيتريون فلمون پروڊيوس ڪرڻ سان گڏ پلي بيڪ سنگنگ به ڪئي. سندس مشهور فلمن ۾ اتفاق، سچا جوٺا، سفر، ڪٽي پتنگ، دشمن، آنند،  محبوب ڪي مهندي، امر پريم، جورو ڪا غلام، ميري جيون ساٿي، باورچي، داغ، نمڪ حرام، آئينه، آنچل، درد ۽ ٻيون فلمون شامل آهن، راجيش کنا 18 جولاءِ 2012ع تي پنهنجي ممبئي واري گهر “آشيرواد” ۾ ديهانت ڪري ويو. سندس مرتئي کانپوءِ کيس ڀارت جي سڀ کان اعليٰ شهري اعزاز پدما ڀوشن سان نوازيو ويو، انکانسواءِ سندس ياد ۾ ٽپال جي ٽڪلي جاري ڪرڻ سان گڏ ممبئي ۾ سندس مجسمو به لڳايو ويو آهي ۽ هڪ چوڪ جو نالو به مٽائي راجيش کنا چوڪ رکيو ويو آهي. دادا صاحب ڦالڪي اڪيڊمي ايوارڊز پاران ڀارتي سينيما جو پهريون سپر اسٽار قرار ڏنو ويوکيس نه رڳو پهريون سپر اسٽار پر اصلي سپر اسٽار طور به ياد ڪيو وڃي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*