سلمان خان پاران ثانيه مرزا جي آتم ڪٿا “ايس اگينسٽ آڊز” جو مهورت

Sania-salman

بالي ووڊ سلطان سلمان خان ممبئي ۾ ٽينس اسٽار ثانيه مرزا جي آتم ڪٿا “ايس اگينسٽ آڊز” جو مهورت ڪيو، ان موقعي تي سلمان خان جو چوڻ هو ته ثانيه مرزا 29 سالن جي ڄمار ۾ جيڪو ڪجهه ماڻيو آهي، ڪيترن ئي ماڻهن جي سڄي ڄمار ان ۾ گزري ويندي آهي، ثانيه 3 ڀيرا لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ حاصل ڪيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ثانيه مرزا فلمن ۾ ڪم ڪري ته اتي به هوءَ ڪمال ڏيکاري سگهي ٿي. ان موقعي تي ثانيه مرزا سلمان خان جا ٿورا مڃيندي چيو ته “ايس اگينسٽ آڊز” پرجوش سفر جي ڪٿا آهي، جيڪا هو دنيا سان ونڊڻ چاهي پئي. ان کان اڳ سلو ڀائي ممبئي ويجهو پنهنجي فارم هائوس تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس زندگي بوريت سان ڀريل آهي اهڙي زندگي تي فلم نٿي ٺاهي سگهجي ۽ هو ڪنهن به سندس زندگي تي فلم ٺاهڻ جي اجازت نه ڏيندو، ڇاڪاڻ ته پنهنجي زندگي جي سڄي حقيقت بابت هن کان وڌيڪ ٻيو ڪو به واقف نٿو ٿي سگهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*