ترڪي ۾ باغين جي حمايت جي الزام هيٺ 8 هزار پوليس اهلڪار برطرف

Turkey-Army-16716

ترڪي ۾ حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ باغي فوجي آفيسرن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حڪومت بغاوت جي حمايت جي الزام هيٺ 8  هزار پوليس اهلڪارن کي به هٽائي ڇڏيو آهي. بغاوت ڪندڙ 6  هزار فوجي اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 27 سئو کان وڌيڪ ججن کي به عهدن تان هٽايو ويو آهي. باغي فوجي آفيسرن جي عدالت ۾ پيشي وقت هڪ شخص عدالت ٻاهران فائرنگ ڪئي، جنهن کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. ترڪ حڪومت استنبول ۾ 18 سئو اسپيشل فورسز مقرر ڪري انهن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته ڪوبه هيليڪاپٽر نظر اچي ته ان کي ماري ڪيرايو وڃي. ترڪي ۾ جمعي تي باغي فوجي گروهه پاران حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش عوام ناڪام بڻائي ڇڏي هئي. بغاوت ڪندڙن پاران حڪومت کي هٽائڻ جي ڪوشش دوران 290 ڄڻا مارجي ويا هئا، جن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ باغي فوجي به شامل آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*