والاريل ڪشمير ۾ 10 ڏينهن به زندگي مفلوج، بازارون بند، رستا ويران

kashmir-

والاريل ڪشمير ۾ لڳاتار ڏهين ڏينهن به ڪرفيو ۽ شٽربند سبب زندگي جو ڪاروهنوار بند آهي، روڊ رستا ويران آهن ۽ رڳو فورسز جون گشت ڪندڙ گاڏيون نظر اچي رهيون آهن. ڀارتي فورسز هٿان ويڙهاڪ برهان واني جي مارجي وڃڻ واري واقعي کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ احتجاج دوران ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۾ 36 ڄڻا مارجي چڪا آهن ۽ 3 هزار هڪ سئو ماڻهو زخمي ٿيا آهن. حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وادي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو پر مڇريل ماڻهن جي احتجاج سبب ڪرفيو بي اثر ثابت ٿيو. ڏهين ڏينهن جيتوڻيڪ وادي ۾ احتجاج جو سلسلو گهٽجي ويو آهي پر بازارون بند آهن، ماڻهو ٻاهر نڪرڻ بدران گهرن ۾ رهڻ کي اوليت ڏئي رهيا آهن، اخبارن تي پابندي آهي، موبائل فون توڙي انٽرنيٽ سروس بند آهي. ڀارتي فورسز حريت اڳواڻن کي به نظربند ڪري رکيو آهي. حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني گڏيل قومن، امريڪا، برطانيه، فرانس، چين ۽ روس کي خط لکي امن قائم ڪرڻ لاءِ 4 نڪاتي فارمولا پيش ڪيو آهي. جن ۾ ڄمون ڪشمير جي حيثيت کي تڪراري مڃڻ ۽ عوام جي راءِ شماري جو حق تسليم ڪرڻ، عوام دشمن فوجي قانونن جو خاتمو ۽ آبادين مان فوجين جي واپسي، سياسي قيدين جي آزادي، نظربندي جي روايت جو خاتمو ۽ سياسي سرگرمين جي آزادي سميت گڏيل قومن ۽ انسان حقن جي عالمي ادارن جي خاص مبصرن کي ولاريل ڪشمير جي دوري جي اجازت ڏيڻ وارا نڪتا شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*