آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وزير اعظم نواز شريف ۽ سنڌ جي گورنر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه کي پٽ جي بازيابي تي مبارڪون ڏنيون

Rahell-Sharif-Nawaz---Sindh-Gon-19716

آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وزير اعظم نواز شريف ۽ سنڌ جي گورنر  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه کي  پٽ جي بازيابي تي مبارڪون ڏنيون آهن، آرمي چيف اويس شاهه کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ٽانڪ ۾ ڪامياب آپريشن تي سڪيورٽي فورسز کي شاباسي ڏني آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف اويس شاهه جي بازيابي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سجاد علي شاهه کي فون ڪري کيس مبارڪون ڏنيون آهن.

آءِ ايس پي آر موجب جنرل راحيل شريف اويس شاهه جي بازيابي لاءِ ٽانڪ ۾ ڪامياب آپريشن تي پاڪ فوج جي جوانن ۽ انيٽيليجنس ادارن کي به واڌايون ۽ شاباسي ڏني آهي.

وزير اعظم نواز شريف اويس شاهه جي بازيابي تي چيف جسٽس کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ انٽيليجنس ادارن جي پيشيوراڻي ڪارروائي سبب اويس شاهه جي بازيابي عمل ۾ آئي آهي.

سنڌ جي ڊاڪٽر عشرت العباد چيف جسٽس سجاد علي شاهه کي فون ڪري سندس پٽ جي بازيابي تي کيس مبارڪون ڏنيون آهن.

گورنر سنڌ چيو ته اويس شاهه جي بازيابي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ وڏو چئلينج هو، ٽانڪ ۾ ڪامياب آپريشن تي پاڪ فوج جا جوان جس لهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*