اسلام آباد جي عدالت غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد جي عدالت، لال مسجد جي نائب خطيب غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي کيس 5 جنوري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ايڊيشنل سيشن واجد علي، لال مسجد جي اڳوڻي خطيب غازي عبدالرشيد قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، حڪمن باوجود پرويز مشرف هن ڀيري به عدالت ۾ پيش نه ٿيو.

ٻڌڻيءَ دوران پرويز مشرف جي وڪيل پاران 2 درخواستون داخل ڪرايون ويون، جن ۾ پهرين درخواست حاضري کان ڇوٽ ۽ ٻي عدالت جي اختيارين بابت داخل ڪرائي وئي.

مشرف جي وڪيلن پهرين درخواست ۾موقف اختيار ڪيو ويو ته سندن مئوڪل کي سڪيورٽي خدشا آهن، ان ڪري عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي، ان کي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.

ايف آءِ اي جي پراسڪيوٽر مشرف جي اهڙي درخواست جي مخالف ڪندي چيو ته هر حاضري تي بهانا بڻائي حاضري کان ڇوٽ ورتي پئي وڃي، درخواست رد ڪئي وڃي.

عدالت، وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

مشرف جي وڪيلن ٻي درخواست ۾ عدالت جي اختيارين کي چيلينج ڪندي موقف اختيار ڪيو ته عدالت هـِن ڪيس جي ٻڌڻي نٿي ڪري سگهي، ان ڪري ڪارروائي روڪي وڃي.

 عدالت، ڪيس جي ٻڌڻي 5 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، مشرف جا وڪيل ايندڙ ٻڌڻي تي عدالتي اختيارين تي دليل ڏيندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*