والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ وڌيڪ 2 ڪشمير شهيد ٿيڻ کانپوءِ شهيدن جو انگ 77 ٿي ويو

Kashmir-Army-19716

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ وڌيڪ 2 ڪشمير شهيد ٿيڻ کانپوءِ شهيدن جو انگ 77 ٿي ويو، ڪشميري ڀائر اڄ يوم الحاق جي موقعي تي ڀارت کان آزادي حاصل ڪرڻ وارو عهد ورجائي رهيا آهن.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ جاري آهي، ڪاڪام شهر ۾ ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۾ وڌيڪ ٻه ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا.

ڀارتي فوج جي فائرنگ ۽ تشدد سبب هيل تائين 77 ڪشميري شهيد ۽ هزارين زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 11 هين ڏينهن به تحريڪ جاري آهي.

ڪشميري ڀائر ڀارتي فوج جي ڏاڍ خلاف اڄ يوم الحاق جي موقعي تي آزادي حاصل ڪرڻ وارو عهد ورجائي رهيا آهن، سمورا ڪاروباري مرڪز بند رکي ريليون ڪڍيون وينديون.

 19 جولاءِ 1947 تي پاڪستان طرفان يوم الحاق ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو، جنهن بعد هر سال ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*