سنڌ رينجرز جي خصوصي اختيارن ۽ صوبي ۾ قيام وارو مدو اڄ رات ٻارهين وڳي ختم ٿي رهيو

Rangers-19716

سنڌ رينجرز جي خصوصي اختيارن ۽ صوبي ۾ قيام وارو مدو اڄ رات ٻارهين وڳي ختم ٿي رهيو آهي پر سنڌ حڪومت اڃا تائين اختيارن ۾ واڌ وارو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو.

دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت سنڌ ۾ رينجرز جي خصوصي اختيارن ۽ صوبي ۾ قيام جو مدو اڄ رات ٻارهين وڳي ختم ٿي رهيو آهي پر سنڌ حڪومت اڃا تائين ان معاملي تي ڪو به فيصلو ناهي ڪري سگهي.

سنڌ سرڪار رينجرز کي 77 ڏينهن لاءِ خصوصي اختيار ڏنا هئا ۽ هاڻي ان ۾ واڌ لاءِ صوبائي گهرو کاتي پاران سمري سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن موڪلي وئي آهي.

ذريعن موجب 19 جولاءِ تي مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار پاران رينجرز جي قيام ۾ هڪ سال واڌ ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته رينجرز جي خصوصي اختيارن واري مدي ۾ ٽن مهينن تائين واڌ ڪئي ويندي.

واضح رهي ته سنڌ سرڪار گذريل سال سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهرا منظور ڪري رينجرز کي اختيار ڏنا هئا، جنهن تحت رينجرز کي دهشتگردي، اغوا، ڀنگ لاءِ اغوا، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي خوري جي خاتمي لاءِ اختيار حاصل  آهن………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*