ڊي جي رينجرز سنڌ جنرل بلال اڪبر ڪراچي ايئرپورٽ جو دورو ڪري سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو

ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر ڪراچي ايئرپورٽ جو دورو ڪري سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو آهي، رينجرس جي ترجمان چيو آهي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي واري ڌمڪي بابت ڪا به فون نه آئي آهي.

ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلاول اڪبر جناح انٽر نيشنل ايئرپورٽ ۽ پراڻي ٽرمينل جو دورو ڪري سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو.

ڊي جي رينجرز جي دوري سبب ڪراچي ايئرپورٽ تي سڪيورٽي انتهائي هاءِ الرٽ هئي.

رينجرز جي ترجمان وضاحت ڪئي آهي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي بابت ڪا به فون نه آئي آهي ۽ ايئرپورٽ تي معمول وارا آپريشنز معمول موجب جاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*