ايم ڪيو ايم رابطه ڪميٽي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي گم ٿيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ قدم کڻڻ جي اپيل

Rabta-19716

ايم ڪيو ايم رابطه ڪميٽي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي گم ٿيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ قدم کڻڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عشرت العباد پارٽي ڪارڪنن جي قربانين واري ڏاڪڻ چڙهي گورنر جي عهدي تي پهتو آهي، گورنر جهڙي ريت اويس شاهه جي بازيابي بابت بيان ڏئي رهيو آهي، کيس ساڳي طرح متحده جي گم ڪيل ڪارڪنن بابت به ڳالهائڻ گهرجي.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ ايم ڪيو ايم رابطه ڪميٽي جو چوڻ آهي ته اويس شاهه جي بازيابي تي هـُو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي مبارڪون ڏين ٿا.

بيان ۾ چيو ويو ته اويس شاهه جي بازيابي تي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد نه صرف خوشي آهي پر پنهنجي گورنرشپ جي فعاليت جا خوب ترانا ۽ نغما ڳائي رهيو آهي.

ايم ڪيو ايم رابطه ڪميٽي چيو ته  سندن ڪيترائي ڪارڪن لاپتا آهن، جن جي بازيابي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا.

رابطا ڪميٽي وڌيڪ  چيو ته جنرل راحيل شريف رڳو ججز جو نه پر ايم ڪيو ايم جي گم ٿيل ڪارڪنن ۽ انهن جي وارثن جو به آرمي چيف آهي، متحده ڪارڪنن کي پاڪستان جو شهري سمجهي بازيابي لاءِ قدم کنيا وڃن……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*