رينجرز پاران لاڙڪاڻي ۽ ڀر وارن علائقن ۾ ڇاپن دوران گرفتاري بعد پوليس حوالي ڪيل 8 جوابدارن مان قتل ڪيس ۾ نامزد پنج جوابدارن کي مارڪيٽ ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو

larkana-Map05-8

رينجرز پاران لاڙڪاڻي ۽ ڀر وارن علائقن ۾ ڇاپن دوران گرفتاري بعد پوليس حوالي ڪيل 8 جوابدارن مان قتل ڪيس ۾ نامزد پنج جوابدارن کي مارڪيٽ ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي، اسد کرل جي گرفتاري ۽ ساٿين پاران ڇڏائڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ مقرر ايس ايس پي شڪارپور عمر طفيل سڀاڻي کان انڪوائري شروع ڪندو.

باقراڻي ڀرسان ڳوٺ پٺاڻ ابڙو مان رينجرز پاران گرفتاري بعد باقراڻي پوليس حوالي ڪيل 8 ڄڻن مان قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل 5 جوابدار محمد بخش ابڙو، عاشق ابڙو، الهندو ابڙو، رفيق ۽ رانجهن ابڙو کي مارڪيٽ ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي.

جوابدارن تي برڪت علي ابڙو جو قتل ڪيس داخل آهي، جنهن جي جاچ ڊي ايس پي حيدري يارمحمد رند حوالي ڪئي وئي آهي.

ڊي آءِ جي عبدالله شيخ پاران اسد کرل جي رينجرز هٿان گرفتاري ۽ ماڻهن پاران ڇڏائڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ مقرر ڪيل ايس ايس پي شڪارپور عمر طفيل سڀاڻي کان انڪوائري شروع ڪندو.

ايس ايس پي عمر طفيل جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي سان گڏجاڻي کانپوءِ انڪوائري شروع ڪئي ويندي ۽ معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*