ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ ۽ علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ 4 جوابدارن جي ضمانت رد ٿيڻ تي متحده جي وسيم اختر، رئوف صديقي ۽ پاڪ سرزمين پارٽي جي انيس قائم خاني کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو

Wasim-19716

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ ۽ علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ 4 جوابدارن جي ضمانت رد ٿيڻ تي متحده جي وسيم اختر، رئوف صديقي ۽ پاڪ سرزمين پارٽي جي انيس قائم خاني کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي،پ پ اڳواڻ عبدالقادر  پٽيل عدالت مان فرار ٿي ويو،جڏهن ته صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال قادر پٽيل جي فوري گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا آهن.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ ۽ سندن علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ منظور ڪندي وسيم اختر، رئوف صديقي، پ پ جي قادر پٽيل ۽ انيس قائم خاني جي ضمانت رد ڪئي،جنهن کانپوءِ عدالت جا دروازا بند ڪيا ويا.

ضمانت رد ٿيڻ بعد پوليس اي ٽي سي پهچي وسيم اختر، رئوف صديقي ۽ انيس قائم خاني کي حراست ۾ وٺي ٻن بڪتر بند گاڏين ۾ سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو .

ضمانت رد ٿيڻ بعد پ پ اڳواڻ عبدالقادر  پٽيل عدالت مان فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ پوليس جي نفري سندس گهر پهتي آهي، صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال آءِ سنڌ کي حڪم ڏنو آهي ته قادر پٽيل کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

وسيم اختر ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت رد ٿيڻ تي عدالتي احاطي ۾ سندن حامين ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ جاچ آفيسر ڊي ايس پي الطاف حسين زخمي ٿي پيو.

ضمانت رد ٿيڻ بعد وسيم اختر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن گرفتاري وارو حڪم غير قانوني آهي ۽ هو اهڙي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ ويندا.

ساڳي ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم ۽ عثمان معظم کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 3 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي آهي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي گرفتار جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*