جن ادارن کي سياست ۾ نه هئڻ گهرجي ها اهي به سياست ۾ ڪاهي پيا آهن،سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئَي

mola-bux-chandio

سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئَي چيو آهي ته جن ادارن کي سياست ۾ نه هئڻ گهرجي ها اهي به سياست ۾ ڪاهي پيا آهن، نواز ليگ جي حڪمراني علائقائي چهرو آهي ۽ ترقياتي اسڪيمون به علائقائي سوچ تي ٻڌل آهن.

زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ سنڌ رورل پارٽنر آرگنائيزيشن پاران ميرپورخاص ضلعي جي ميٽرڪ پاس نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي جانورن جي پالنا بابت سکيا مڪمل ٿيڻ تي تقريب کي خطاب ڪندي مولابخش چانڊئي چيو ته موجوده چيف جسٽس غير سياسي آهي، جڏهن ته سندن دور ۾ اڳوڻَي چيف جسٽس ته ڄڻ سياسي پارٽي ٺاهي ڇڏي هئي.

هن چيو ته نواز ليگ جي حڪمراني علائقائي چهرو آهي، جنهن جي پنجاب جي مخصوص علائقي اندر حڪمراني آهي، جڏهن ته ترقياتي اسڪيمون به علائقائي سوچ تي ٻڌل آهن.

مولابخش چانڊئَي چيو ته  بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو مستقبل ۽ پاڪستان جو چهرو آهي، جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شملا معاهدي کي سڄي دنيا سان گڏوگڏ نواز شريف به مڃي ٿو.

صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي هر ترقياتي ڪم ۾ نواز شريف جو چهرو نظر اچڻ واري ڳالهه غلط آهي، اسٽيل مل، هيوي مڪينيڪل ڪامپليڪس ۽ ايٽمي پروگرام پاڪستان جا وڏا پروگرام آهن، جن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو چهرو نظر اچي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*