اسلام آباد جي پارليامينٽ لاجز ۾ چوري جا واقعا معمول بڻجي چڪا آهن، چورن پ پ سينيٽر سسئي پليجو جي فليٽ ۾ گهڙي سمورو سامان وکيري ڇڏيو

sassui-palijo-19716

اسلام آباد جي پارليامينٽ لاجز ۾ چوري جا واقعا معمول بڻجي چڪا آهن، چورن پ پ سينيٽر سسئي پليجو جي فليٽ ۾ گهڙي سمورو سامان وکيري ڇڏيو، سسئي پليجو چوڻ آهي ته آدمشماري ۽ اوگرا معاملا اٿارڻ کانپوءِ هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

جِـــتي پکيءَ پر به نه هڻي سگهــــي اُتي پارليامينٽرين جي فليٽس مان چوري جا واقعا ته ڄڻ چورن جو آسان هدف بڻجي چڪو آهي.

پارليامينٽ لاجز ۾ چور پيپلز پارٽي جي سينيٽر سسئي پليجو جي فيلٽ جي ڇت ٽوڙي داخل ٿيا، جن گهر جو سمورو سامان وکيري ڇڏيو.

سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني سسئي پليجو جي فليٽ مان چوري واري واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي پ پ سينيٽر سسئي پليجو چيو ته آدمشماري ۽ اوگرا معاملا اٿارڻ کانپوءِ هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، وڌيڪ پوليس جاچ ڪري رهي آهي، هو مڪمل سهڪار ڪندي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ن ليگ ايم اين اي طلال چوڌري جي فليٽ مان به لکين رپين جو ڌاڙو لڳي چڪو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*