تنگواڻي ويجهو عدالتي حڪم تي ڳوٺاڻي جي قبر ڪشائي ڪري سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويو

Tangwani-Qabar-19716

تنگواڻي ويجهو عدالتي حڪم تي ڳوٺاڻي جي قبر ڪشائي ڪري سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، اڍائي مهينا اڳ 2 پهاڄن گڏجي مبينا طور پنهنجي مڙس کي قتل ڪيو هو.

ڳوٺ سليم کوسو ۾ اڍائي مهينا اڳ مير هزار بکراڻي کي 2 پهاجن حسينا ۽ گنجل بکراڻي گڏجي مبينا طور زهر ڏئي قتل ڪيو هو.

ان سلسلي ۾ عدالتي حڪم تي قبرستان مان  قبر ڪشائي ڪرڻ بعد لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويو.

جڏهن ته فوتي مير هزار بکراڻي جي هڪ گهرواري حسينه خاتون مڙس کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*