ڄامشوري ۾ ايس يو پي اڳواڻ سليم راڄڙ جي گرفتاري خلاف راڄڙ برادري جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Jamshoro-Protest-19716

 ڄامشوري ۾ ايس يو پي اڳواڻ سليم راڄڙ جي گرفتاري خلاف راڄڙ برادري جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

راڄڙ برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو، جنهن دوران پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

مظاهرين جو چوڻ آهي ته پوليس گهر تي چڙهائي ڪري ايس يو پي اڳواڻ سليم راڄڙ مٿان وحشياڻو  تشدد ڪري کيس گم ڪيو ويو.

هنن الزام مڙهيو ته هو گذريل ٽن ڏينهن کان ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن، پر پوليس عملدار سليم راڄڙ جي گرفتاري ظاهر نه پيا ڪن.

هنن مطالبو ڪيو ته ايس يو پي اڳواڻ کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*