آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڌانڌلي يا رتو ڇاڻ ٿي ته وزيرا عظم نواز شريف پراڻا ڌرڻا وساري ويهندو، هُو حڪومت خلاف عمران خان جي موقف جي حمايت ڪن ٿا،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

Bilawal-19716

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڌانڌلي يا رتو ڇاڻ ٿي ته وزيرا عظم نواز شريف پراڻا ڌرڻا وساري ويهندو، هُو حڪومت خلاف عمران خان جي موقف جي حمايت ڪن ٿا، پر ڪنهن به غير جمهوري قدم جي حمايت نه ڪئي ويندي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ هٿين خالي شهرين تي گوليون هلائي رهيو آهي، پر  نواز شريف رڳو کوکلا بيان ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته نريندر مودي گجرات سانحي ۾ ملوث آهي، وزير اعظم نوازشريف جي ڀارت وڃڻ سان مودي کي ڪلين چٽ ملي وئي، جڏهن ته ن ليگ حڪومت جي ڪا به پرڏيهي پاليسي نه آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته موجوده سرڪار جي پرڏيهي پاليسي ناقص هئڻ سبب پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿي ويا آهن ۽ ملڪ مسئلن جو شڪار ٿي ويو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪمرانن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته مودي جو نالو وٺڻ وقت عوام جا ڪهڙا جذبا هجن ٿا، پر نواز سرڪار کي عوامي جذبن جي پرواهه نه آهي.

پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڌانڌلي يا رتو ڇاڻ ٿي ته وزيرا عظم نواز شريف پراڻا ڌرڻا وساري ويهندو، هُو حڪومت خلاف عمران خان جي موقف جي حمايت ڪن ٿا، پر ڪنهن به غير جمهوري قدم جي حمايت نه ڪئي ويندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*