وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سنڌ ۾ رينجرز جي مقرري توڙي اختيارن جي مدي ۾ واڌ وارن معاملن تي دير ۾ ڳڻتي ظاهر

Ch-Nisar-19716

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سنڌ ۾ رينجرز جي مقرري توڙي اختيارن جي مدي ۾ واڌ وارن معاملن تي دير ۾ ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ اندر امن امان جي بحالي توڙي معمول واري زندگيءَ ۾ رينجرز جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وڏو وزير قائم علي شاهه پنهنجا اختيار استعمال ڪري فيصلي ۾ دير سان قانون لاڳو ڪندڙ اداري توڙي جوانن تي ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا، ڊي جي رينجرز سنڌ به وفاقي گهرو وزير سان رابطو ڪري صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

چوڌري نثار وڏي وزير قائم علي شاهه کي خط لکي رينجرز جي مقرري واري مدي توڙي اختيارن بابت فيصلي ۾ دير واري معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

چوڌري نثار وڏي وزير قائم علي شاهه کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته رينجرز صوبي ۾ امن جي قيام لاءِ بهتر ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان جي ڪم ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ صوبي ۽ وفاق جي گڏيل ذميواري آهي.

چوڌري نثار جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ سرڪار سدائين رينجرز جي مقرري واري مدي توڙي اختيارن بابت دير وارا حربا استعمال ڪندي رهي آهي، وڏو وزير پنهنجا اختيار استعمال ڪري ۽ جلد فيصلو ڪري ڇاڪاڻ ته فيصلي ۾ دير سان  فورسز توڙي جوانن تي ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا.

ڊي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان رابطو ڪري صوبي ۾ رينجرز جي مقرري توڙي اختيارن جي مدي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جو ان موقعي تي چوڻ هو ته سنڌ ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ رينجرز جي محنت کي ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو ۽ وفاقي سرڪار پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*