دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ ۽ علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد عدالتي احاطي مان فرار ٿي ويل پ پ اڳواڻ عبدالقادر پٽيل گرفتاري پيش ڪري ڇڏي

Qader-patel-19716

دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ ۽ علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد عدالتي احاطي مان فرار ٿي ويل پ پ اڳواڻ عبدالقادر پٽيل گرفتاري پيش ڪري ڇڏي، قادر پٽيل چيو آهي ته هو فرار نه ٿيو هو پر ضمانت رد ٿيڻ بعد وڪيل سان مشورو ڪرڻ ويو، جيڪڏهن فرار ٿيڻو هجي ها ته لنڊن مان واپس ڇو اچي ها.

دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ ۽ علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد اي ٽي سي مان فرار ٿي ويل پ پ اڳواڻ قادر پٽيل  ڪراچي جي بوٽ بيسن ٿاڻي تي پهچي گرفتاري پيش ڪئي.

گرفتاري پيش ڪرڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي قادر پٽيل چيو ته کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ ۾ 20 منٽ دير ٿي وئي ۽ جڏهن هو پهتو ته عدالت فيصلو ٻڌائي عدالتي ڪمري جو دروازو بند ڪرائي کڏيو هو، جنهن سبب هو وڪيل سان مشورو ڪرڻ لاءِ واپس موٽي ويو.

قادر پٽيل جو چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس فرار ٿيڻو هجي ها ته لنڊن مان واپس ڇو اچي ها؟

هڪ سوال جي جواب ۾ قادر پٽيل چيو ته سهيل انور سيال ۽ سندس وچ ۾ پورهيت ۽ ڊائريڪٽر جهڙو فرق آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته هو پنهنجي گرفتاري خلاف سنڌهاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪائيندو.

گرفتاريءَ بعد پوليس قادر پٽيل کي سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*