سنڌ آبادگار بورڊ ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ آبادگار بورڊ شگر ملز ۾ ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ خلاف ايندڙ سال ڪمند نه پوکڻ ۽ مرحليوار احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ شگر ملز ۾ ڪمند جو سرڪاري نه ملڻ واري شڪايتن جو تفصيلي جائزو وٺڻ سان گڏ ان سازش ۾ ملوث ڌرين تي به ويچاريو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ سال کان سنڌ ۾ شگر ملز جي حدن وارن علائقن ۾ ڪمند جي پوکي نه ڪئي ويندي.

آبادگار بورڊ شگر ملرز جي هڪ هٽي خلاف مرحليوار تحريڪ هلائڻ جو به فيصلو ڪيو، جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ ضلعي سطح ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڊويزنل سطح تي احتجاج ڪيو ويندو.

اجلاس دوران آبادگار اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ 40 ڪروڙ مڻ ڪمند موجود آهي پر ڪجهه ڌريون آبادگارن کي نقصان رسائڻ چاهين ٿيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*