شروعاتي رڪارڊ مان ڌانڌلي ثابت ٿي وئي آهي اياز صادق پنهنجي استيعفيٰ تيار رکي شيرين مزاري

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي تڪ اين اي هڪ سئو 22 لاهور تي ووٽن جي جاچ ۽ رڪارڊ جو معائنو مڪمل ڪيو ويو آهي، پـِي ٽـِي آءِ ترجمان شيرين مزاري چيو آهي ته شروعاتي رڪارڊ مان ڌانڌلي ثابت ٿي وئي آهي، اياز صادق پنهنجي استيعفيٰ تيار رکي.

اليڪشن ٽربيونل لاهور جي حڪم تي غلام حسين  اعواڻ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن قومي تڪ اين اي هڪ سئو 22 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۽ رڪارڊ جي جاچ پڙتال مڪمل ڪري ورتي آهي، 13 ڏينهن دوران جاچ ڪميشن 284 پولنگ اسٽيشنز ۽ رڪارڊ جي جاچ پڙتال ڪئي.

انڪوائري ڪميشن پاران رپورٽ اليڪشن ٽربيونل ۾ جمع ڪرائي ويندي،  رپورٽ ڏسڻ بعد ٽربيونل پاران فيصلو ٻڌايو ويندو.

اين اي 221 تان ڪامياب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي  وڪيل دعويٰ ڪئي آهي ته جاچ پڙتال واري عمل دوران اسپيڪر اياز صادق کي 119 ووٽن سان برتري حاصل آهي، جڏهن ته عمران خان جي وڪيل جو چوڻ آهي ته بوگس ووٽن جو انگ 30 هزار کان وڌي ويو آهي.

هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته مسلم ليگ اين اي هڪ سئو 22 جي حوالي سان ڪوڙي پروپئگينڊا بند ڪري، اياز صادق پنهنجي استيعفيٰ تيار رکي.

شيرين مزاري چيو ته اين اي هڪ سئو 22 ۾ هن وقت تائين ڪيل آڊٽ موجب ڌانڌلين جون شاهديون سامهون اچي چڪيون آهن، حتمي رپورٽ سامهون اچڻ تي اياز صادق کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*