ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مختلف جيلن ۾ قيد موت جي سزا ٻڌايل 6 قيدين جا ڊيٿ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

 ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  مختلف جيلن ۾ قيد موت جي سزا ٻڌايل   8 قيدين مان 6 قيدين جا ڊيٿ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن،القائدهه سان واسطو رکندڙ ذوالفقار علي کي 13 جنوري تي راولپنڊي  جي اڊيالا جيل ۾ ڦاهي تي لٽڪايو ويندو.

 آءِ جي جيلز   سنڌ  دهشتگردي ٽوڙ عدالت کي ڪراچي، مچ، سکر ۽ راولپنڊي جيل ۾ قيد 8 قيدين جا ڊيٿ وارنٽ  جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو هو ته قيدي صولت مرزا، ذوالفقار علي، شاهد حنيف، خليل احمد، طلحه حسين، محمد سعيد، بهرام خان ۽ شفقت حسين کي مختلف ڪيسن ۾ موت جي سزا سان گڏسندن رحم جي اپيل رد ٿي چڪي آهي، انڪري سندن ڊيٿ وارنٽ فوري طور جاري ڪيا وڃن.

عدالت اهڙي درخواست تي 6 قيدين جا ڊيٿ وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

القائده سان واسطو رکندڙ ذوالفقار علي کي 13 جنوري تي راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ڦاهي تي لٽڪايو ويندو.

قيدي طلحه کي 15 جنوري ۽ خليل احمد کي 13جنوري  تي سکر جيل ۾ ڦاهي ڏني ويندي.

بهرام خان کي 13 جنوري، شفقت حسين کي 14 جنوري ۽ شاهد حنيف کي 13 جنوري تي ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ڦاهي ڏني ويندي.

ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ موت جي سزا ٻڌايل صولت مرزا بلوچستان جي مچ جيل ۾ قيد آهي، جنهن جو واسطو هڪ سياسي پارٽي سان آهي پر ان جا ۽ هڪ قيدي  ٻئي  محمد سعيد جا اڃا تائين ڊيٿ وارنٽ جاري نه ٿيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*