سـُپريم ڪورٽ، بلوچستان جي اڳوڻي خوراڪ واري وزير اسفند يار ڪاڪڙ خلاف گهوٻين وارو ڪيس ٽن مهينن اندر اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme-Court-14-4-16

سـُپريم ڪورٽ، بلوچستان جي اڳوڻي خوراڪ واري وزير اسفند يار ڪاڪڙ خلاف  گهوٻين وارو ڪيس ٽن مهينن اندر اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا، اتي ٿاڻن جون ٻوليون لڳنديون آهن، ڳالهائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي پر  احتياط کان ڪم وٺون پيا.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ بلوچستان جي خوراڪ بابت اڳوڻي وزير اسفند يار ڪاڪڙ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

جوابدار  جي وڪيل افتخار گيلاني دليل ڏيندي چيو ته نيب وٽ اسفند يار ڪاڪڙ خلاف ڪي به ثبوت نه آهن، رڳو ڪوتاهي ڪرڻ تي الزام مڙهيو پيو وڃي.

وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڪڻڪ جي هڪ لک ٻورين ۾ گهوٻين جو الزام سڌيءَ ريت اسٽور انچارج حسين آفريدي تي آهي ۽ جوابدار جيل ۾ قيد آهي، هن ڪيس ۾ نيب جي جاچ درست ناهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جنهن ملڪ ۾ رهي رهيا آهيون، اتي ٿاڻن جي ٻولي لڳي ٿي، احتياط سان ڳالهائي رهيا آهيون، نه ته ميڊيا ۾ سرخيون لڳي وينديون آهن.

 ٻڌڻيءَ دوران نيب جي وڪيل استدعا ڪئي ته کيس هدايتون وٺڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.

عدالت،  اسفند يار ڪاڪڙ جي ضمانت ۾ ايندڙ هفتي تائين واڌ ڪندي نيب کي حڪم ڏنو ته ٽن مهينن اندر ڪيس اڪلايو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*