ڪالهه وارو عدالتي فيصلو ڪنهن هڪ سياسي پارٽي خلاف نه آهي:رينجرز

Rangers-19716

رينجرز جي لاآفيسر ساجد محبوب چيو آهي ڪالهه وارو عدالتي فيصلو ڪنهن هڪ سياسي پارٽي خلاف نه آهي، هڪ سياسي پارٽي پاران عدالتي حڪم تي تجزيا ۽ تبصرا عدالت جي توهين آهن، سياسي پارٽي سوشل پارٽي تي عدليا، واپارين ۽ ٻين خلاف مهم هلائي انهن کي دٻاءُ هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

ڪراچي ۾ رينجرز جي لا آفيسر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالهه اي ٽي سي دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ  ۽ سندن علاج ڪرائڻ واري ڪيس جو فيصلو ميرٽ تي ڏنو  ۽ اهو فيصلو ڪنهن سياسي پارٽي خلاف نه آهي.

رينجرز جي لا آفيسر چيو ته جي آءِ ٽي کي ڪنهن به جوابدار جي وڪيل پاران چيلنج نه ڪيو ويو هو، جنهن سبب عدالت چيو  ته جوابدارن جي ضمانت مجبوري وٽان رد ڪئي وئي آهي.

لاآفيسر چيو ته جوابدارن جا وڪيل عدالت ۾ خاموش رهندا آهن ۽ ٻاهر اچي ڳالهائيندا آهن.

رينجرز جي آفيسر چيو ته هڪ سياسي پارٽي سوشل پارٽي تي عدليا، واپارين ۽ ٻين خلاف مهم هلائي انهن کي دٻاءُ هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*