ٽرمپ اجازت کانسواءِ گانو استعمال ڪيو: برطانوي بينڊ ڪوئين

Donald-Trump

برطانوي راڪ بينڊ “ڪوئين” شڪايت ڪئي آهي ته امريڪي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ريپبليڪن پارٽي جي نيشنل ڪنوينشن دوران سندن 1977ع وارو ترانو “وي آر دي چيمپئنز” سندن اجازت کانسواءِ استعمال ڪيو ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ “ڪوئين” بينڊ چيو آهي ته سدن خواهشن جي ابتڙ سندن ترانو ٽرمپ استعمال ڪيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ ريپبليڪن پارٽي جي نيشنل ڪنوينشن ۾ پارٽي جي باضابطه نامزدگي حاصل ڪري ورتي آهي، پنهنجي زال ميلانيا سان گڏ اسٽيج تي آيو ته ان وقت “وي آر دي چيمپئنز” گانو هلايو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*