وفاقي سرڪار سڪيورٽي خدشن سبب سڄي ملڪ ۾ پهرين پوليو مهم ملتوي ڪري ڇڏي

وفاقي سرڪار، سڪيورٽي خدشن سبب سڄي ملڪ ۾ نئين سال جي پهرين پوليو مهم ملتوي ڪري ڇڏي آهي، پوليو مهم 5 کان 7 جنوري تائين رٿيل هئي.

وزيراعظم نواز شريف جي پوليو بابت فوڪل پرسن عائشه رضا پاران چئني صوبن جي صحت واري سيڪريٽريز نالي خط لکي پوليو مهم ملتوي ٿيڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب، خط ۾ لکيو ويو آهي ته سڪيورٽي خدشن سبب سڄي ملڪ ۾ سال 2015 جي پهرين پوليو مهم ملتوي ڪئي وئي آهي.

وزيراعظم جي فوڪل پرسن جو چوڻ آهي ته پوليو مهم جي نئين تاريخ جو جلد اعلان ڪيو ويندو.

واضح رهي ته 5 کان 7 جنوري تائين سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري پهرين مهم شروع ٿيڻي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*