انگلينڊ خلاف چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ٽيسٽ ميچز کيڏڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم مانچسٽر پهچي وئي

Pakistani-team-in-manchiste

انگلينڊ خلاف چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ٽيسٽ ميچز کيڏڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم مانچسٽر پهچي وئي آهي،جتي ٽيم اڄ پريڪٽس سيشن ۾ شرڪت ڪندي.

چار ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ٽيسٽ ميچ هلندڙ مهيني جي 22 تاريخ تي مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي،جنهن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم پهچي وئي آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ۾ سيريز جي پهرين ميچ لارڊز جي تاريخي گرائونڊ تي کيڏي وئي هئي،جنهن ۾ قومي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد ميزبان ٽيم کي 75رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي.

20 ورهين بعد اهو پهريون ڀيرو هو جو قومي ٽيم انگلش ٽيم کي لارڊز جي ميدان تي شڪست ڏني.

ميچ جي خاص ڳالهه مصباح الحق جي شاندار سنچري ۽ ياسر شاهه جون ميچ ۾10 وڪيٽون هيون.

ميچ ۾ 10 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي ياسر شاهه کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ رٿيل ٻين ٽيسٽ ميچ لاءِ انگلينڊ جي ٽيم 14رڪني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾جيمز ايندرسن ۽ بين اسٽوڪ جي واپسي ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*