ملتان ۾ پوليس مقابلي کانپوءِ ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي

Multan-College-15-1

ملتان ۾ پوليس مقابلي کانپوءِ ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ڪارروائي دوران جوابدارن جا 2 ساٿي فرار ٿي ويا.

ملتان جي قطبپور واري علائقي ۾ 4کان وڌيڪ جوابدار شهرين کان ڦرڪري رهياهئا  ته اطلاع تي پوليس پهچي وئي، جنهن دوران مقابلو ٿي پيو.

پوليس موجب مقابلي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا، جن جا لاش سول اسپتتال ملتان منتقل ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب ڏوهارين  سان مقابلي دوران مارجي ويل جوابدارن جا 2 ساٿي اونڌاهي جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس موجب فرا ر ٿي ويل جوابدارن جي ڳولا لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپاهڻي رهي آهي، مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن …

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*