آزاد ڪشمير ۾ قانونساز اسيمبلي جي چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري

Azad-Kashmir-Vote-21716

آزاد ڪشمير ۾ قانونساز اسيمبلي جي چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، قانونساز اسيمبلي جي 41 سيٽن تي پيپلزپارٽي، مسلم ليگ نون ۽ تحريڪ انصاف سميت 20 کان وڌيڪ پارٽين جا 4 سئو کان وڌيڪ اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، پولنگ اسٽيشن جي اندر ۽ ٻاهر فوجي جوان مقرر آهن.

آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل صبح جو اٺين وڳي شروع ٿيو، جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام جو پنجين وڳي تائين جاري رهندو، جڏهن ته پولنگ اسٽيشن ۾ موجود ووٽرز کي مقرر ٿيل وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ به ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي اجازت هوندي.

آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ڏهين عام چونڊن ۾ ٽوٽل 49 سيٽون آهن، جن مان 41 جنرل سيٽن تي چونڊن ٿي رهي آهي.

10 ضلعن تي مشتمل آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ 20 کان وڌيڪ سياسي پارٽين جا 4 سئو23 اميدوار ميدان تي لٿل آهن، جڏهن ته مسلم ليگ نون، پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ننهن چوٽيءَ جي مقابلي جا امڪان آهن.

چونڊن ۾ آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان مان 26 لک 74 هزار 5 سئو 86 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن، جن ۾ 11 لک 90 هزار 8 سئو 39 عورت ووٽرز به شامل آهن.

آزاد ڪشمير جي گادي واري هنڌ مظفرآباد جي قانونساز اسيمبلي ۾ 6، ميرپور جي چار، رقبي جي لحافظ کان سڀ کان وڏي ضلعي نيلم جي صرف هڪ سيٽ آهي، جڏهن ته ضلعي باغ جي اسيمبلي ۾ 4 سيٽون آهن.

آزاد ڪشمير جي اسيمبلي 49 ميمبرز تي مشتمل آهي، جن جي 29 سيٽن تي آزاد ڪشمير جا 26 لک 74 هزار 5 سئو 84 ووٽرز پنهنجا نمائندا چونڊيندا، جڏهن ته 12 سيٽن تي پاڪستان ۾ موجود 4 لک 38 هزار 8 سئو 84 ڪشميري مهاجر ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.

چونڊن جي لاءِ 5 هزار 4 سئو 27 پولنگ اسٽيسنز قائم ڪيون ويون آهن ۽ فوج جي نگراني ۾ ٿيندڙ چونڊن لاءِ پولنگ اسٽيشن جي اندر ۽ ٻاهر 29 هزار سڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

قانونساز اسيمبلي جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي هن وقت بغير ڪنهن اتحاد جي ميدان تي لٿل آهي، جڏهن ته مسلم ليگ نون، والاريل ڪشمير پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي اتحاد جي صورت ۾ آمهون سامهون آهن ۽ ٽيون اهم اتحاد تحريڪ انصاف ۽ مسلم ڪانفرنس جي صورت ۾ ميدان تي لٿل آهي.

پاڪستان ۾ رهندڙ ڪشميري به پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن، اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا، ملتان، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت ٻين شهرن ۾ ڪشميري پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪن پيا……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*