چونڊون شفاف ٿينديون، ڌانڌلي جو ڪو به امڪان نه آهي,آزاد ڪشمير جَي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ غلام مصطفيٰ مغل

Azad-Kashmir-Cheif-Election-21716

آزاد ڪشمير جَي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ غلام مصطفيٰ مغل چيو آهي ته چونڊون شفاف ٿينديون، ڌانڌلي جو ڪو به امڪان نه آهي.

آزاد ڪشمير جي چيف اليڪشن ڪمشنر مختلف پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس انتظامن بابت بريفنگ ڏني وئي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ غلام مصطفيٰ مغل چيو ته چونڊون شفاف ٿينديون، ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته قانونساز اسميبلي جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيندي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*