راولپنڊي جي عدالت، ڪسٽم انسپيڪٽر اعجاز چوڌري جي قتل ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي سپر ماڊل ايان علي ۽ ڪسٽم سپرنٽنڊنٽ جا گرفتاري وارنٽس جاري

Ayyan-Ali-case-21716

راولپنڊي جي عدالت، ڪسٽم انسپيڪٽر اعجاز چوڌري جي قتل ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي سپر ماڊل ايان علي ۽ ڪسٽم سپرنٽنڊنٽ جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا.

راولپنڊي جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ ڪسٽم عملدار اعجاز چوڌري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران طلبي باوجود سپر ماڊل ايان علي ۽ ٻيا ڪيس ۾ نامزد جوابدار پيش نه ٿيا.

عدالت سپر ماڊل ايان علي ۽ ڪسٽم سپرنٽنڊنٽ ضرغام ۽ ڊاڪٽر هارون جا گرفتار وارنٽس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته ڪسٽم انسپيڪٽر اعجاز چوڌري ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جي جاچ دوران مارجي ويو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*