پ پ جو ڪو به ميمبر پارٽي سان غداري نه ڪندو سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته پ پ جو ڪو به ميمبر پارٽي سان غداري نه ڪندو، مخدوم امين فهيم پارٽي نه ڇڏڻ بابت وضاحت ڪري چڪو آهي.

ڀٽ شاهه جي گادي نشين سيد نثار حسين شاهه جي لاڏاڻي تي سيد وقار حسين شاهه حسيني سان تعذيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته ڪنهن کي غداري ڪرڻي آهي ته پهرين پارٽي تان استعيفيٰ ڏئي.

آغا سراج دراني چيو ته مخدوم امين فهيم پارٽي نه ڇڏڻ بابت وضاحت ڪري چڪو آهي، پيپلزپارٽي جو ڪو به ميمبز پارٽي سان غداري نه ڪندو.

هن وڌيڪ چيو ته پ پ شهيدن جي پارٽي آهي، جيڪا انهن شهيدن جي رت سان ٺهيل آهي، جن پاڪستان بچائڻ لاءِ جان جا نذرانا پيش ڪيا.

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهريار مهر به سيد وقار حسين شاهه حسيني سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعذيت ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته مشرف کي ڪير ڀلي آمر سڏي پر سندس دور هاڻوڪي دور کان بهتر هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*