سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به پولنگس قائم ڪيون ويون آهن، جتي ڪشميري پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن

tandoallahyar-

آزاد ڪشمير  جي قانونساز اسيمبلي جي چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به پولنگس قائم ڪيون ويون آهن، جتي ڪشميري پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.

آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي تڪ ايل اي 36  ۽ ايل اي   38  لاءِ سکر  جي   گورنمينٽ پرائمري اسڪول منارا روڊ ۾ پولنگ قائم ڪئي وئي آهي، جتي  ڪشمير سان واسطو رکندڙ 10 ڄڻا ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.

حيدرآباد جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول سوسائٽي، اقراءَ اسڪول لطيف آباد ۽ پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ پولنگس قائم ڪيون ويون آهن.

حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ 400 کان وڌيڪ ڪشميري  پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن، جتي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

ڏهرڪي جي  مختيارڪار آفيس ۾ پولنگ جاري آهي، جتي 80  ڪشميري ووٽرز ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.

ٽنڊوالهيار ۾ 44 مرد ۽  40  ڪشميري عورتون پنهنجي ووٽ  حق استعمال ڪري رهيا آهن،  جنهن  لاءِ گورنمينٽ پرائمري گرلز اسڪول ۾ پولينگ اسٽيشن قائم ڪئي وئي آهي، جتي سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

کوسڪي جي  هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ پولنگ  قائم ڪئي وئي آهي، جتي ٽوٽل 50 ڪشميري ووٽ ڪاسٽ ڪري رهيا آهن، جن ۾ 29 مرد ۽ 21 عورتون شامل آهن.

آزاد ڪشمير  جي قانونساز اسيمبلي جي چونڊن لاءِ  لاڙڪاڻي  ۾ صرف هڪ ووٽر لاءِ اليڪشن ڪميشن آفيس  ۾ پولنگ قائم ڪئي وئي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*