سنڌ ۾ رينجرز جي اختيارن وارو معاملو انتظامي آهي، جيڪو وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي گڏجي حل ڪرڻو پوندو:سپريم ڪورٽ

supreme-court-karachi-31-7 (1)سپريم ڪورٽ چيو آهي ته سنڌ ۾ رينجرز جي اختيارن وارو معاملو انتظامي آهي، جيڪو وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي گڏجي حل ڪرڻو پوندو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ بدامني ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل سلمان طالب الدين اوچتو رينجرز اختيارن تي ڌيان ڏياريو.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته هن وقت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهمرو به عدالت ۾ موجود آهي، جنهن ڪري انهيءَ معاملي کي حل ڪيو وڃي.

جسٽس امير هاني مسلم چيو ته رينجرز جي اختيارن وارو معاملو انتظامي آهي، تنهنڪري عدالت انهيءَ ۾ مداخلت نه ڪندي.

جسٽس امير هاني مسلم چيو ته رينجرز جي اختيارن وارو معاملو وفاقي ۽ سنڌ حڪومت گڏجي حل ڪن، عدالت انهيءَ ۾ نه پوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*