ڪراچي جـِي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي منتظم جج ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر وسيم اختر کي 25 جولاءِ تائين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

waseem-akhtar-ATC

ڪراچي جـِي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي منتظم جج چڙ ڏياريندڙ تقريرن واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر وسيم اختر کي 25 جولاءِ تائين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، متحده اڳواڻ عدالت ۾ پيشيءَ وقت ڌيءَ کي ڀاڪر پائي روئي ويٺو.

 ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر وسيم اختر کي ڪراچي جي سچل ٿاڻي تي داخل چڙ ڏياريندڙ تقريرن واري ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي منتظم جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻيءَ دوران ڪيس جي جاچ آفيسر نصير الدين عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار وسيم اختر کان چڙ ڏياريندڙن تقريرن واري ڪيس ۾ جاچ ڪرڻي آهي، تنهن ڪري جسماني رمانڊ منظور ڪيو ڪيو وڃي.

عدالت، پوليس جي درخواست منظور ڪندي وسيم اختر کي 25 جولاءِ تائين جسماني رمانڊ تي سچل ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻيءَ دوران عدالت ۾ متحده اڳواڻ جا گهرڀاتي به موجود هئا ۽ وسيم اختر ڌيءَ کي ڀاڪر پائي روئي ويٺو.

ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي وسيم اختر چيو ته مٿس تقرير دوران تاڙيون وڄائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي.

وسيم اختر چيو ته کيس جاچ لاءِ ملير جي ايس ايس پي رائو انوار حوالي ڪرڻ تي ڳڻتي آهي.

واضح رهي ته وسيم اختر کي دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ واري ڪيس ۾ اي ٽي سي پاران ضمانت رد ٿيڻ بعد گرفتار ڪيو ويو هو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*