والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ذريعي ڪشميرين جي خود اراديت واري مطالبي کي دٻائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن

sartaj-ziz

پرڏيهي معاملن بابت وزير اعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ذريعي ڪشميرين جي خود اراديت واري مطالبي کي دٻائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، پاڪستان ڪشميرين سان هر ممڪن سهڪار جاري رکندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سرتاج عزيز چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون نوٽيس ورتو آهي، هندوستاني فوج جي ظلم خلاف هر فورم تي آواز اٿاريو ويندو.

هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ هٿين خالي مظاهرين تي گوليون هلائي رهيو آهي، هيل تائين 50 کان وڌيڪ ماڻهن کان حياتيون کسيون ويون آهن.

سندس چوڻ هــو ته پاڪستان اسلامي ملڪن سان رابطو ڪري والاريل ڪشمير مسئلي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سينيٽ به ڪشمير صورتحال بابت ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي.

سرتاج عزيز چيو ته تشدد ۽ بندوق جي زور تي ڪشميرين کي خود اراديت واري مطالبي تان هٿ نٿو کڻائي سگهجي، هندوستاني جارحيت خلاف هر فورم تي آواز اٿاريو ويندو…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*