پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري رينجرز جي سنڌ ۾ قيام ۽ اختيارن ۾ واڌ واري معاملي تي مشاورت لاءِ وڏي وزير کي بلاول هائوس سڏائي ورتو

Bilawal-2716

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري رينجرز جي سنڌ ۾ قيام ۽ اختيارن ۾ واڌ واري معاملي تي مشاورت لاءِ وڏي وزير کي بلاول هائوس سڏائي ورتو، بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير ۽ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سڀاڻي دبئي ۾ آصف زرداري سان اهم گڏجاڻي به ڪندا، اختيارن جي مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ سبب رينجرز ڪراچي جي رستن تان سنيپ چيڪنگ ختم ڪري ڇڏي، سي ايم هائوس ۽ ٻين اهم عمارتن جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر اهلڪار به واپس ڪيا ويا آهن.

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي بلاول هائوس سڏائي ورتو آهي، جتي رينجرز جي اختيارن واري معاملي تي مشاورت ڪئي ويندي.

بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير ۽ صوبائي گهرو وزير سڀاڻي دبئي روانا ٿيندا،جتي اڳوڻي صدر آصف زرداري سان اهم گڏجاڻي به ڪندا.

اختيارن واري مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ سبب رينجرز ڪراچي جي رستن تان سنيپ چيڪنگ ختم ڪري ڇڏي، جڏهن ته سي ايم هائوس ۽ ٻين اهم عمارتن جي سڪيورٽي لاءِ مقرر اهلڪار به واپس ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*