ميرپور ماٿيلو ويجهو گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان نوجوان کي پڪڙي مٿس تشدد ڪرڻ واري واقعي جي ڪيس ۾ 8 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو

mirpur-mathilo-

ميرپور ماٿيلو ويجهو گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان نوجوان کي پڪڙي مٿس تشدد ڪرڻ بعد ڳچي ۾ جوتن جو هار وجهي تذليل ڪرڻ واري واقعي جي ڪيس ۾ 8 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر کان معاملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

گذريل ڏينهن داد لغاري ۾ سومرا ۽ لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي واري تڪرار تان نوجوان امام الدين سومرو کي پڪڙي کيس تشدد جو بشانو بڻايو ويو.

نوجوان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته جوابدارن مٿس گٽر جو گندو پاڻي هاري ڳچيءَ ۾ جوتن جو هار وجهي شهر جو گشت ڪرايو، جنهن بعد چوري جي ڪوڙي الزام ۾ کيس پوليس حوالي ڪيو ويو.

نوجوان پاران احتجاج بعد ڊي آءِ جي سکر فيروز شاهه پاران معاملي جو نوٽيس وٺڻ بعد پوليس لغاري برادري جي 20 جوابدارن خلاف تشدد ۽ تذليل جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

پوليس ڪارروائي ڪري رشيد لغاري، زاهد، نعف لغاري ۽ نيڪ محمد سميت 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو .

گهرو صوبائي وزير سهيل انور سيال واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر  ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان معاملي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*