گهوٽڪي جي شينڪ بند ٻاهران قادرپور لوپ بند موجود آهي، جنهن ڪري بند ٽٽڻ سان ڪابه خطري جهڙي ڳالهه ناهي:ادريس راجپوت

idress-rajput

پاڻي ماهر ادريس راجپوت چيو آهي ته گهوٽڪي جي شينڪ بند ٻاهران قادرپور لوپ بند موجود آهي، جنهن ڪري بند ٽٽڻ سان ڪابه خطري جهڙي ڳالهه ناهي،صوبائي وزير راجا خان مهر جو چوڻ هو ته شينڪ بند لڙهي وڃڻ سان هزارين ماڻهو در بدر ٿي ويندا.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائندي پاڻي ماهر ادريس راجپوت جو چوڻ هو ته 1973ع واري ٻوڏ دوران شينڪ بند هنڌان هنڌان جهري پيو هو.

ادريس راجپوت چيو ته شينڪ بند ڪمزرو ٿيڻ  بعد قادرپور لوپ ۽ گيمڙو بند ٺاهيو ويو، جيڪي ٻئي بند مضبوط آهن.

ادريس راجپوت جو چوڻ هو ته شينڪ بند جي اندرين پاسي ڪجهه آبادي موجود آهي، جنهن ڪري بند ٽٽڻ سان اها آبادي متاثر ٿيندي، جنهن ڪري مضبوطي وارو ڪم جاري آهي.

صوبائي وزير راجا خان مهر جو چوڻ هو ته شينڪ بند لڙهي ويو ته هزارين ماڻهن در بدر ٿي ويندا.

راجا خان مهر چيو ته وزير اعظم نواز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شينڪ بند جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو آهي، پر ان باوجود مضبوطي وارو ڪم رولڙي جو شڪار آهي.

 راجا خان مهر چيو ته سنڌ حڪومت پاران سينڪ بند جي ۾مضبوطي لاءِ 29 ڪروڙ رپيا منظور ڪيا ويا آهن، جن مان صرف چار ڪروڙ رپيا آبپاشي کاتي کي مليا آهن.

راجا خان مهر جو چوڻ هو ته  وزير اعظم  سنڌ ۾ بچاءُ بندن جي مضبوطي واري ڪم لاءِ هڪ ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، پر ان رقم مان هڪ رپيو به جاري نه ناهي ڪيو ويو.

راجا خان مهر چيو ته شينڪ بند جي مضوطي واري ڪم کي تيز ڪرڻ جي ضررت آهي، ڇاڪاڻ ته بند لڙهي ويو ته 150 ڳوٺن تي مشتمل هزاري ماڻهن جي آبادي  در بدر  ٿي ويندي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*