حڪومت ۽ اپوزيشن، اليڪشن ڪميشن جي صوبائي ميمبرز جي مقرري واري معاملي تي اتفاق ڪري ورتو

khurshid-shah-ishaq

حڪومت ۽ اپوزيشن، اليڪشن ڪميشن جي صوبائي ميمبرز جي مقرري واري معاملي تي اتفاق ڪري ورتو، خورشيد شاهه چيو آهي ته ميمبرز جي مقرري قومي امانت آهي، هاڻي ٽيڪنوڪريٽس ۽ بيورو ڪريٽس اليڪشن ڪميشن جا ميمبر ٿي سگهن ٿا، اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته ميمبرز جي مقرري 22هين ترميم موجب ڪئي ويندي.

اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري واري معاملي تي اتفاق ڪيو ويو.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري ۾ جيڪي غلطيون ماضِي ۾ ٿيون اُهي ٻيهر نه ورجايون وينديون.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري قومي امانت آهي، جنهن ۾ خيانت نه ڪئي ويندي، آئين جي روشني ۾ ميمبرز جي مقرري عمل ۾ آندي ويندي.

خورشيد شاهه چيو ته 22آئيني ترميم کانپوءِ ٽيڪنوڪريٽس ۽ بيوروڪريٽس به اليڪشن ڪميشن جا ميمبر ٿي سگهن ٿا.

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري 22 آئيني ترميم موجب ڪئي ويندي، ان حوالي سان حڪومت ۽ اپوزيشن 3-3 نالا تجويز ڪيا آهن، جيڪي سڀاڻي پارلياماني ڪميٽي ۾ پيش ڪيا ويندا.

هن چيو ته پارلياماني ڪميٽي جي منظوري کانپوءِ 25 جولاءِ تي ميمبرز جي مقرري عمل ۾ آندي ويندي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*