ملتان ۾ غيرت جي نالي تي قتل ڪيل ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ وڌيڪ اڳڀرائي

Qandeel-Baloch-16716

ملتان ۾ غيرت جي نالي تي قتل ڪيل ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس جوابدار وسيم سان رابطي ۾ رهندڙ وڌيڪ 6 ڄڻن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته قنديل بلوچ جو ڀاءُ جوابدار وسيم ڊيرا غازي خان پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪرڻ لاءِ ئي ملتان آيو هو.

پوليس موجب جوابدار وسيم واقعي کان اڳ 6 ڄڻن سان رابطي ۾ هو، جن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ انهن وٽان اهم انڪشافن جي اميد آهي.

پوليس جي جاچ ٽيم قنديل بلوچ جي پاڙيوارن جا بيان به قلمبند ڪري ورتا آهن ۽ مقتولا جي پيءُ عظيم ۽ ماءُ انور مائي کان به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته قنديل بلوچ جي قتل ۾ هڪ ڄڻو ملوث آهي، ٻين جوابدارن کي وائکو ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*