هر قيمت تي دهشتگردي جو خاتمو آندو ويندو آرمي چيف جنرل راحيل شريف

آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ لاهور ۾ ٿيل اجلاس دوران ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ فوجي ۽ سول عملدارن جي سربراهي ۾ چئني صوبن ۾ ڪميٽيون جوڙيون ويون، آرمي چيف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شڪست سوچي به نه ٿي سگهجي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ لاهور ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ، پنجاب جي ڪور ڪمانڊرز ۽ وڏي وزير شهباز شريف به شرڪت ڪئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران دهشتگردي خلاف جوڙيل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزو ورتو ويو، جنهن بعد ايڪشن پلان تي فوري عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ صوبن ۾ ڪميٽيون قائم ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اَيپڪس ڪميٽين جي سربراهي فوجي ۽ سول عملدار ڪندا.

اجلاس دوران ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ سياسي ۽ عسڪري قيات ۾ اتفاق راءِ ساراهه جوڳي عمل آهي.

جنرل راحيل شريف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شڪست جو سوچي به نه ٿو سگهجي، هر قيمت تي دهشتگردي جو خاتمو آندو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*