پيپلز پارٽي سنڌ ۾ رينجرز جي اختيارن وارو معاملو ٻيهر سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

sindh-assembly-and-rengras

پيپلز پارٽي سنڌ ۾ رينجرز جي اختيارن وارو معاملو ٻيهر سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، بلاول ڀٽو زرداري مشاورت لاءِ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، سينيئر وزير نثار کهڙي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري سمورن اسيمبلي ميمبرز کي ملڪ اندر رهڻ ۽ پرڏيهه ويل ميمبرز کي واپس اچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، بلاول هائوس پهچي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن بعد هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو.

اجلاس ۾ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، ناڻي وارو وزير سيد مراد علي شاهه، مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ قانون بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب به شرڪت ڪئي.

گڏجاڻي دوران جلد سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن لاءِ پ پ سان واڳيل سمورن ميمبرز کي ملڪ اندر رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

صوبائي وزير نثار کهڙَي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کان ٻاهر اسيمبلي ميمبرز کي به جلد ڏيهه اچي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير ۽ صوبائي گهرو وزير سڀاڻي دبئي روانا ٿيندا،جتي اڳوڻي صدر آصف زرداري سان اهم گڏجاڻي به ڪندا.

ٻئي طرف رينجرز اختيارن واري مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ سبب ڪراچي جي رستن تان سنيپ چيڪنگ ختم ڪري ڇڏي، جڏهن ته سي ايم هائوس ۽ ٻين اهم عمارتن جي سڪيورٽي لاءِ مقرر اهلڪار به واپس ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*