سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ضلعي اندر اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ واري درخواست تي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي سيڪريٽري ۽ سيپڪو چيف سميت ٻين عملدارن کي 28 جولاءِ تي طلب

larkanasindh-highi-cort

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ضلعي اندر اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ واري درخواست تي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي سيڪريٽري ۽ سيپڪو چيف سميت ٻين عملدارن کي 28 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت وڪيل سرفراز جتوئي پاران لاڙڪاڻي ضلعي اندر بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي شهر سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري عوام عذاب ۾ مبتلا آهي.

درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 24 ڪلاڪن ۾ صرف 2 يا 3 ڪلاڪ بجلي هوندي آهي، جنهن ڪري زندگي جو ڪار وهوار توڙي ڪاوربار به سخت متاثر ٿي رهيو آهي.

ايگزيڪيوٽو انجنئير مشتاق بڙدي عدالت ۾ پيش ٿي لاڙڪاڻي ضلعي اندر لوڊشيڊنگ بابت شيڊيول واري رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن  کي عدالت اڻپوري قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.

عدالت پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي سيڪريٽري، سيپڪو چيف ۽ ٻين عملدارن کي نوٽيس جاري ڪري 28 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*