رينجرز اختيارن ۾ رڪاوٽ وجهڻ پيپلزپارٽي جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي: اسماعيل راهو

ismail rahoo

ن ليگ سنڌ جي صدر اسماعيل راهو چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف سنڌ ۾امن ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پر رينجرز اختيارن ۾ رڪاوٽ وجهڻ پيپلزپارٽي جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي.

جيڪب آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسماعيل راهو چيو ته نواز شريف اڳ به سنڌ جي مسئلن لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي.

 اسماعيل راهو چيو ته وزير اعظم نواز شريف سنڌ ۾امن ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پر رينجرز اختيارن ۾ رڪاوٽ وجهڻ پيپلزپارٽي جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو ته ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ سان سنڌي عوام جو فائدو آهي، پر پيپلزپارٽي پنهنجي ذاتي مفاد سبب امن جي ڪوششن ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهي آهي.

اسماعيل راهو چيو ته ن ليگ هميشه سنڌ جي مسئلن تي ڌيان ڏنو آهي، سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ آهي وزير اعظم جو خواب آهي، جيڪو ضررو ساڀيان  ٿيندو………………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*