ڳڙهي خيري ۾ ڏيرن هٿان قتل ڪيل وحيدان ڪلر واري ڪيس ۾ گرفتار هڪ جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

gari khairo map

ڳڙهي خيري ۾ ڏيرن هٿان قتل ڪيل وحيدان ڪلر واري ڪيس ۾ گرفتار هڪ جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد وڌيڪ 6 جوابدارن  کي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ بروهي محلي ۾ ڏيرن هٿان ملڪيت جي تڪرار تان قينچين جا وار ڪري قتل ڪيل ناري وحيدان ڪلر واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار احمد شاهه کي پوليس پاران جيڪب آباد جي سول  ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

ڪيس ۾ نامزد وڌيڪ 6 جوابدار بلوچستان طرف فرار ٿي ويا آهن، جنهن ڪري پوليس اڃان تائين  انهن جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

ايس ايس پي جيڪب آباد ساجد کوکر جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ گهربل وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سي آءِ اي ٽيم جوڙي وئي آهي، جيڪا گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*