ميهڙ ۾ آبادگارن پاران مختلف شاخن ۽ واهن تي قبضن،کاٽي نه ٿيڻ ۽ پاڻي کوٽ خلاف 454 ڏينهن کان هلندڙ احتجاج چونڊيل نمائندن ۽ عملدارن جي خاطرين تي ختم ڪري ڇڏيو

mehar-protest

ميهڙ ۾ آبادگارن پاران مختلف شاخن ۽ واهن تي قبضن،کاٽي نه ٿيڻ ۽ پاڻي کوٽ خلاف 454 ڏينهن کان هلندڙ احتجاج چونڊيل نمائندن ۽ عملدارن جي خاطرين تي ختم ڪري ڇڏيو آهي.

پيپلز پارٽي ايم پي اي عبدالعزير جوڻيجو، ڊي سي دادو، ايڪسيئن آبپاشي دادو ۽ ٻين احتجاجي ڪيمپ تي پهچي  آبادگارن کي هار پارائي ۽ جوس پياري ڌرڻو ختم ڪرايو.

ان موقعي تي پيپلز پارٽي ايم پي اي عزيز جوڻيجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪڪول واهه تان قبضا مڪمل طور تي ختم ڪرايا ويا آهن.

ڊپٽي ڪمشنر دادو شاهزمان کهڙو پاران ڪڪول واهه جي ٻنهي ڪپرن تي روڊ  ٺهرائڻ جو اعلان ڪيو ويو.

ايڪسيئن ايريگيشن دادو، طارق ڪيهر ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته آپريشن تي 80 لک روپيا خرچ آيو، جڏهن ته اختيارين هڪ روپيو به جاري ناهي ڪيو.

شهرين پاران ڪامياب جدوجهد تي آبادگارن ۽ هارين کي گلن جا هار پارايا ۽ مبارڪباد ڏني، جڏهن ته جدوجهد ڪاميٽي جي ڪنوينر سڪندر سوڍر کي ايم پي اي عزيز جوڻيجو پٽڪو پارايو.

آبادگارن جي هڪ سال کان وڌيڪ هلندڙ جدوجهد دوران مختلف قوم پرست اڳواڻن سيد جلال محمود شاهه، صنعان قريشي، دودو مهيري، علي نواز ٻٽ ۽ ٻين پڻ ڪيمپ تي پهچي آبادگارن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*