پاڪستان ڀارت کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو:ڀارتي گهرو وزير راجناٿ سنگهه

rajnath singh

ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تي دهشتگردن جي پٺڀرائي جو الزام مڙهيندي چيو آهي ته پاڪستان ڀارت کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو.

ڀارتي گهرو وزير راجناٿ سنگهه لوڪ سڀا ۾ ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهائيندي بار بار پاڪستان جو نالو ورتو ۽ چيو ته اڄ ڪشمير جي صورت کي بگاڙڻ ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو ڪردار آهي ته اهو اسانجي پاڙيسري جو آهي.

راجناٿ الزام مڙهيو ته جيڪڏهن ڀارت ۾ ڪا دهشتگردي ٿي رهي آهي ته ان کي به پاڪستان جي حمايت حاصل آهي، پاڪستان پنهنجيون حالتون بهتر بڻائڻ بدران پاڙيسري ڀارت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

ڀارتي گهرو وزير الزام مڙهيو ته ڀارت ۾ جڏهن ڪو دهشتگرد مارجي ويندو آهي ته پاڪستان ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو آهي.

 راجناٿ جو چوڻ هو ته ڪشمير خراب صورتحال تي کين ڳڻتي آهي، جنهن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ هي پهريون ڀيرو نه آهي ته ڪو ڪشمير پيليٽ گنز استعمال ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا ٻن مهينن ۾ رپورٽ ڏيندي، ان بعد ئي ان حوالي سان ڪو فيصلو ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*