سپر ماڊل ايان علي جي توهين عدالت واري درخواست تي وفاق سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو

ayanalicourt22-8

سپر ماڊل ايان علي جي توهين عدالت واري درخواست تي وفاق سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪسٽم انسپيڪٽر اعجاز چوڌري جي زال سندس مڙس جي قتل جو ايان علي ۽ ٻين تي شڪ ظاهر ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ايان علي جو نالو اعجاز چوڌري جي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر ۽ اي سي ايل ۾ وڌو ويو.

ماڊل ايان علي جو نالو ٽيون ڀيرو اي سي ايل ۾ وجهڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊپٽي اٽارني جنرل پيش ٿي وفاق طرفان جواب داخل ڪرايو.

وفاق جي جواب ۾ چيو ويو ته ماڊل ايان علي جو نالو ڪسٽم انسپيڪٽر اعجاز چوڌري جي زال ايان علي ۽ ٻين تي مڙس جي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو، جنهن بعد لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني وئي.

وفاق طرفان جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ماڊل ايان علي جو نالو ڪسٽم انسپيڪٽر جي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر ۽ اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي.

ماڊل ايان علي جي وڪيل قادر مندوخيل موقف اختيار ڪيو ته ماڊل ايان علي جو نه ته نالو ايف آءِ آر ۾ آهي ۽ نه ئي لاهور هاءِ ڪورٽ اهڙو حڪم ڏنو هو.

هن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته عدالت چيو هو ته حڪومت پاڻ انهيءَ حوالي سان فيصلو ڪري.

 عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*