ويسٽ انديز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ سنچري اسڪور ڪرڻ تي خوشي ٿي آهي:ويرات ڪوهلي

verat-kohli25-8

ڀارتي ٽيسٽ ٽيم جي ڪتپان ويرات ڪوهلي جو چوڻ آهي ته کيس ويسٽ انديز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ سنچري اسڪور ڪرڻ تي خوشي ٿي آهي پر سندس نظرون ميچ ۾ ڪاميابي تي کتل آهن.

ويسٽ انڊيز جي شهر اينٽيگا ۾ ويسٽ انڊيز ۽ ڀارتي ٽيمن وچ ۾ جاري پهرين ٽِيسٽ ميچ  جي پهرين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي انڊين ٽيم چار وڪيٽن جي نقصان تي 302رنز اسڪور ڪيون، جنهن ڪپتان ويرات ڪوهلي 143رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ آهي،جڏهن ته شيکر ڌون 84رن جي اننگ کيڏي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ويرات ڪوهلي جو چوڻ ته آسٽريليا خلاف ٽيم سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو نه ڪري سگهي ،جنهن مان سمورن رانديگرن گهڻو ڪجهه سکيو.

هن وڌيڪ چيوته پهرين ڏينهن ٽيم جي مجموعي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي آهي ۽کيس سنچري اسڪور ڪرڻ تي خوشِي ٿي آهي پر سندن نظرون ميچ ۾ ڪاميابي تي کتل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*